ڊاڀڻ پيڻ

ڊاڀڻ پيڻ

ڊاڀڻ پيڻ

ڊاڀڻ پيڻ

ڊاڀڻ پيڻ

ڊاڀڻ پيڻ (پکي:(Dalmation or Gray Pelican / Pelecanus crispus ڊاڀڻ پيڻ هڪ پکي آهي، جنهن جا سنڌيءَ ۾ ٻيا نالا ڦيڻائي پيڻ، سُهب پيڻ ۽ ديو هنس آهن. هي پکين جي نسل ۾ وڏي ۾ وڏو پکي ليکجي ٿو. هي 180 سينٽي ميٽر جسامت جو پکي وزن ۾ 15 کان 18 ڪلوگرامن جو ٿئي ٿو. هن جي پرن جي پکيڙ هر هڪ پاسي ڇهن کان ساڍا ڇهه فوٽ ٿئي ٿي. هي دنيا جو ڳري ۾ ڳرو اڏامندڙ پکي آهي. هي پکي اُڏامڻ وقت گھڻو فاصلو طئي ڪري نه سگھندو آهي. نَـر مادي هڪجهڙا ٿين ٿا. هن پکيءَ جو رنگ ميرانجهڙو اڇو گلابي ٿئي ٿو ۽ پرن ۾ ڪٿي به ڪارو کنڀ ڪونه اٿس. هن کي ڊگهي چهنب سان هيڊي نارنگي رنگ جي ٿيلهي ٿيندي آهي، جنهن ۾ پاڻيءَ مان مڇيون جهلي رکندو آهي. هن پکيءَ کي مٿي تي هلڪي چوٽڙي ٿيندي آهي. هن پکيءَ جون ٽنگون گھريون سرمائي ٿينديون آهن.
ڊاڀڻ پيڻ تانگهي پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻي مڇي جهلي ٿي ۽ پوءِ چهنب مٿي ڪري پاڻي هاري ڇڏي ٿي. هن جا افزائشي علائقا ڌٻڻين ۽ ڍنڍن ۾ ٿين ٿا ۽ ان جو آکيرو ترندڙ ٻوٽي جي گاديلي تي ڪاٺڙين ۽ گاهه جو ٿلهو هوندو آهي. مادي وقفي سان 5 کان 8 بيدا لاهي آري تي ويهندي آهي.
هي پرديسي پکي آهي. ڊاڀڻ پيڻ اڪثر سياري ۾ ڍنڍن تي نظر ايندي آهي. هي پکي سنڌ کان سواءِ يوڪرائين، روس، يونان، رومانيه، هندستان ۽ البانيه ۾ به ٿئي ٿو. سنڌ ۾ منڇر ڍنڍ هن جي خاص رهائش آهي، اتان جا مهاڻا هن پکي کي ڌاريندا آهن. هن جي چرٻيءَ جو تيل ڀڳل هڏن کي ڳنڍڻ لاءِ اڪسير چون ٿا.


لفظ ڊاڀڻ پيڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو